جمبو گاهه

جمبو گاهه

جمبو گاهه

جمبو گاهه (Jumbo Grass ):جمبو گاهه بهار يا اونهاري ۾ پوکيو وڃي ٿو. هيءُ فصل گاهه طورگھڻي پيداوار ڏيندڙ آهي. ڇاڪاڻ ته سنگ يا گل دير اچڻ جي ڪري هن گاهه جي پيداوار گھڻو وقت قائم رهي ٿي. جمبو گاهه جانورن جي چاري لاءِ گھڻي عرصي تائين هلي ٿو. هن گاهه ۾ پن گھڻا ٿين ٿا ۽ چاري لاءِ وڌيڪ مقدار ملي ٿو. هن گاهه ۾ پنن جو ڏانڊين کان وڌيڪ تعداد ٿيندو آهي، جنهنڪري چاري جو معيار سٺو اٿس. گاهه جي خشڪ مادي جي پيداواري صلاحيت وڌي وڃڻ سبب ۽ مناسب مٺاڻ هئڻ ڪري جمبو گاهه مال جي کائڻ لاءِ لذيذ ٿئي ٿو، جنهنڪري گوشت ۽ کير جي پيداوار ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو. آبهوا جي غير مناسب حالتن ۾ ٻين گاهن جي واڌ گھٽ ٿئي ٿي، پر جمبي گاهه جي واڌ قائم رهي ٿي. سنڌ جي لاڙ توڙي وچولي وارن ڀاڱن ۾ هيءُ گاهه مال جي چاري طور پوکيو وڃي ٿو.
آبهوا: جمبو گاهه آبهوا جي سخت حالتن ۾ به ٻين گاهن جي ڀيٽ ۾ واڌ قائم رکي ٿو. هيءُ گاهه بهار ۽ اونهاري جو فصل آهي. عام حالتن ۾ جمبي گاهه ۾ پوکيءَ بعد 180 ڏينهن تائين گل نٿا اچن، جڏهن ته ٻين گاهن ۾ 60 ڏينهن اندر گل نڪري اچن ٿا، پر جيڪڏهن گاهه جي چارائي ۾ دير ٿئي، تڏهن به فصل تي گل نٿا اچن ۽ گاهه ۾ مٺو ذائقو برقرار رهي ٿو.
هن گاهه جي پوک لاءِ بهتر پاڻيءَ جي نيڪال واري زمين جي چونڊ ڪرڻ گهرجي. هن فصل جي پوک لاءِ لٽاشي زمين موزون هوندي آهي، پر جيڪڏهن زمين ۾ پاڻيءَ جو نيڪال صحيح نه هجي ته هر ڏئي زمين کي نرم ڪجي.
زمين جي تياري: اڳئين فصل مان گندگاهه ڪڍڻ لاءِ ٿالهين وارو هر ڏئي زمين کي هموار ڪرڻ گهرجي ته جيئن پاڻيءَ جي گھٽ وڌائيءَ سبب گاهه جي واڌ متاثر نه ٿئي، بعد ۾ ٻه ٽي هر ڏئي ۽ سانهر گھمائي زمين کي پوکيءَ لاءِ تيار ڪجي.
پوکيءَ جو وقت ۽ طريقو: هن گاهه جي پوکڻ جو صحيح وقت مارچ جو مهينو هوندو آهي. گاهه جي پهرين لُڻائي مئي جي مهيني ۾ ٿي سگھي ٿي. جڏهن ته هن گاهه کي مارچ بعد به پوکي سگھجي ٿو. جمبو گاهه گھڻن لابن ڪٽائي (Multi Cut) وارو گاهه آهي. ان ڪري هن گاهه کي گھڻي عرصي تائين استعمال سبب قطارن ۾ پوکيو وڃي ٿو. جنهنڪري گندگاهه جي صفائي، ڀاڻ ۽ دوائن جي استعمال ۾ آساني ٿئي ٿي. پوکيءَ وقت فصل جي قطارن وارو مفاصلو ڏيڍ فوٽ هئڻ گھرجي ۽ زمين ۾ گھم يا پوسل جو خاص خيال رکجي.
ٻج جو مقدار: جمبي گاهه لاءِ ٻج جو مقدار 8 ڪلوگرام في ايڪڙ هئڻ گھرجي.
ڀاڻ ڏيڻ: هن فصل ۾ پوکيءَ وقت ٻه ٻوريون نائٽروفاس، هڪ ٻوري پوٽاشيم سلفيٽ پهرين لڻائيءَ وقت ۽ هڪ ٻوري امونيم نائٽريٽ پهرين پاڻي يا 21 ڏينهن بعد ڏجي.
پاڻي ڏيڻ: هن گاهه جي فصل ۾ پهريون پاڻي پوکيءَ جي 20 کان 25 ڏينهن بعد ڏيڻ کپي ته جيئن ٻج مضبوطيءَ سان پاڙون لڳائي. گرمي گھڻي هجي ته پاڻي تڪڙو ڏيڻ کپي، بعد ۾ زمين اندر گھم جو تناسب رکي پاڻي ڏيڻ جو وقت مقرر ڪجي.
گُڏ ڪڍڻ: فصل ۾ گندگاهه جي وڌڻ جو امڪان رهندو آهي جنهنڪري فصل ۾ گڏ ڪڍڻ ذريعي گندگاهه ختم ڪجي.
ڪٽائي يا لوب وٺڻ: هن گاهه جا تيلا 3 کان 4 فوٽ ڊگها ٿين ته انهن جي لڻائي ڪجي، جيڪو لڻائيءَ جو صحيح وقت ٿئي ٿو. ان عرصي ۾ گاهه ۾ پروٽين ۽ لذت تمام گھڻي ٿئي ٿي. لڻائيءَ ۾ دير سبب گاهه سخت ٿي ويندوآهي.
پيداوار: هن فصل جي پيداوار 1600 کان 2000 مڻ في ايڪڙ ملي ٿي.


لفظ جمبو گاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو